علي نواز خان ڌاريجو

علي نواز خان ڌاريجو

علي نواز خان ڌاريجو

علي نواز خان ڌاريجو : سردار خان ڌاريجو'>علي نواز خان ڌاريجو، پهرين آگسٽ 1923ع ۾ خانبهادر علي مراد خان ڌاريجي جي گھر ڄائو. ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان ۽ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1946ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم. اين. اي جي چونڊ وڙهيو، اليڪشن کٽڻ کانپوءِ پنهنجي سيٽ سردار علي گوهر خان مهر (اول) لاءِ خالي ڪيائين. هيءُ ڪجھه وقت سکر ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمئن به رهيو. 1953ع ۾ سنڌ جو ايم. ايل. اي ٿيو، هن اسيمبليءَ ۾ ’سنڌ صرف سنڌين لاءِ‘ جو نعرو هنيو ۽ ’سنڌي لکو، سنڌي ڳالهايو‘ جي مهم هلائي، ايتريقدر جو عملي طور تي پنهنجي ٻارن کي انگلش ميڊيم اسڪولن مان ڪڍرائي سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرايائين. هن جنرل ايوب واري دور ۾ برپا ٿيل صدارتي ريفرينڊم ۾ جنرل محمد ايوب جي مخالفت ڪئي ۽ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ جنرل ايوب خان سندس اٺ هزار ايڪڙ زمين ’گرو مور فوڊ پاليسي‘ تحت ضبط ڪري پنجابي آبادگارن کي الاٽ ڪئي ۽ سندس خانداني اسلحو به ضبط ڪيو. سردار خان ڌاريجو'>علي نواز خان ڌاريجو فقير منش، پنجتن جو حبدار ۽ اهل بيت سان انتهائي عقيدت رکندو هو، سندس وقت ۾ دادلوءِ ۾ ٿيندڙ مجلسون ۽ عزاداريءَ جون مجلسون پوري پاڪستان ۾ مشهور هونديون هيون، جنهن ۾ پاڪستان جا چوٽيءَ جا عالم ۽ ذاڪر خطاب ڪندا هئا. غريبن جو هڏ ڏوکي هو. مهر ۽ لُنڊ سردارن سان ويجهڙائپ هئس. فيصلن ۾ رياء نه ڪندو هو، انصاف جي تقاضا موجب ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائيندو هو. ملهه پهلوانن ۽ راڳين جو قدردان رهيو. هن 19 جون 1982ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ علي نواز خان ڌاريجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.08.01  عيسوي

سردار علي نواز خان ڌاريجو، پهرين آگسٽ 1923ع ۾ خانبهادر علي مراد خان ڌاريجي جي گھر ڄائو.


1982.06.19  عيسوي

سردار علي نواز خان ڌاريجي 19 جون 1982ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بانو قدسيه
ڄام ابراهيم سمو
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
ساڌنا شوداساڻي
شيخ ابراهيم ڪلهوڙو
ريکا
صغران بي بي
سيد قاسم محمود
مولانا محمد علي سنڌي
چنا محبوب علي سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون